سپريم ڪورٽ ناياب پکين جي شڪار خلاف درخواست تي اعتراض ختم ڪندي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سـُپريم ڪورٽ، ناياب پکين جي شڪار خلاف درخواست تي اعتراض ختم  ڪندي، اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته وفاق صوبن جي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، عرب شهزاد شڪار ڪرڻ اچن ٿا ته  صوبائي حڪومتون کين روڪن ڇو نه ٿيون.

ناياب پکين جي شڪار خلاف درخواست  تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل راجا فاروق موقف اختيار ڪيو ته تلور ناياب پکي آهي، ان ڪري شڪار تي پابندي آهي پر ان باوجود غير قانوني شڪار ڪيو پيو وڃي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پرڏيهي وزارت عرب شهزادن کي شڪار جي اجازت ڏني آهي، جيڪي ناياب پکين شڪار ڪن ٿا.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو ته وفاقي صوبائي حڪومتن جي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، عرب شهزادا شڪار ڪرڻ اچن ٿا،  صوبائي حڪومتون ڪارروائي ڇو نه ٿيون ڪن.

عدالت، داخل درخواست تي اعتراض ختم ڪندي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*