ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي پابندي لڳائي وڃي، سرفراز بگٽي

 بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ملڪ ٽوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي پابندي لڳائي وڃي.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته بي بي سي جي رپورٽ مطابق ايم ڪيو ايم ڀارت جي ڳجهي اداري “را” سان مليل آهي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي پابندي مڙهي وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ سرفراز بگٽي چيو ته راءِ بلوچستان جون حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪراچي ۾ به را جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن، رڳو بلوچستان نه پر ڪراچي ۾ به ملڪ ٽوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ سرفراز بگٽي چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڏي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران وڏي انگ ۾ بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

سرفراز بگٽي چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃڻ، صوبي مان دهشتگردي جي ناسور جي پاڙ پٽڻ لاءِ هر قدم کنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*