سرفراز بگٽي جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي، خواجه اظهار

سنڌ اسيمبلي  ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار چيو آهي ته   سرفراز بگٽي جي الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي  ۽  سرفراز بگٽي الزامن بدران بلوچستان ۾ امن امان تي ڌيا ن ڏي.

سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي وفد سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته سرفراز بگٽي جي ڪابه حيثيت  ناهي ۽ متحدهه هڪ منظم پارٽي آهي.

خواجه اظهار  وزير اعظم کان ڪراچي ۾ گرمي سبب فو ت ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته فوتگين جي ذميوار وفاقي ، سنڌ سرڪار ۽ ڪي اليڪٽرڪ آهن.

هن چيو ته وڏو وزير 11کاتن ۽ 19 شعبن جو سربراهه آهي، پ پ قيادت وڏي وزير تي ايترو بار نه وجهي جو سندس صلاحيتون متاثر ٿين.

خواجه اظهار صوبائي  ڊزاسٽر مئنجيمنٽ اٿارٽي کي فعال بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ جيترا ماڻهو گرمي سبب فوت ٿيا آهن ايترا  ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ نه مئا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*