آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ اهم ڪمانڊرز سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان جي علائقي آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ مڙهيل تنظيم جي اهم ڪمانڊرز سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

سڪيورٽي ذريعن موجب، بلوچستان جي علائقي آواران ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران دهشتگردن فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ڪو به نقصان نه ٿيو.

سڪيورٽي ذريعن موجب، جوابي فائرنگ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جن وٽان وڏي انگ ۾ بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب، مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان هو، جن ۾  چار اهم ڪمانڊر به شامل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*