اليڪشن ڪميشن ضابطه اخلاق ڀڃڪڙي ڪيس ۾ ڪي پي ڪي جي وزير عنايت الله کي طلب ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن، ضابطه اخلاق ڀڃڪڙي ڪيس ۾ جماعت اسلامي جي ايم اين اي طارق الله ۽ ڪي پي ڪي جي وزير عنايت الله کي طلب ڪري ورتو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ سڀ کان وڏي  رنڪڊڪ ڪا نه ڪا سياسي پارٽي ئي هوندي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ خيبرپختونخواهه اندر مڪاني چونڊن دوران ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا ريمارڪس ۾ چيو ته سڀ پارٽيون چونديون آهن ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون.

هن چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪا نه ڪا سياسي پارٽي ئي رنڊڪ هوندي آهي ۽ الزام وري اليڪشن ڪميشن مٿان لڳايا ويندا آهن.

اليڪشن ڪميشن، ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي جماعت اسلامي جي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ صاحبزده طارق الله، خيبرپختونخواهه جي وزير عنايت الله ۽ ايم پي اي محمد علي کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*