انڪوائري ڪميشن پي ٽي آءِ جي وڪيل حفيظ پيرزادي کي سڀاڻي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن، پي ٽي آءِ جي وڪيل حفيظ پيرزادي کي سڀاڻي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، حفيظ پيرزادي دليل ڏيندي چيو آهي ته  بلوچستان ۾ چونڊون انجنيئرڊ هيون، اتي اليڪشن نه پر سليڪشن ٿي هئي، پنجاب ۾ ووٽن سان ٿيلها ڀرڻ ڌانڌلي جو وڏو ثبوت آهي.

سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن جو اجلاس  ٿيو.

تحريڪ انصاف جي وڪيل حفيظ پيرزادي دليل ڏيندي چيو ته عام چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ اضافي بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا.

حفيظ پيرزادي چيو ته بلوچستان ۾ چونڊون انجنيئرڊ هيون ۽ اڳ ئي نتيجا تيار ڪيا ويا هئا، اتي اليڪشن نه پر سليڪشن ٿي هئي.

چيف جسٽس ناصر الملڪ، حفيظ پيرزادي کان سوال ڪيو ته توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته چونڊون انجنيئرڊ هيون، اوهان وٽ ڪهڙو ثبوت آهي؟.

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته بلوچستان ۾ ماڻهو ووٽ ڏيڻ لاءِ گهر کان نڪتا ئي نه، پولنگ اسٽيشنز تي نه سامان موجود هو ۽ نه ئي عملو نظر آيو، ڪجهه سئو ووٽ کڻندڙ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا آهن.

جسٽس اعجاز افضل سوال ڪيو ته ڇا ماڻهن جو ووٽ ڏيڻ لاءِ گهران نه نڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي غلط آهي.؟

حفيظ پيرزادي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي پر ان تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، ان کي نااهل ئي نه پر بدنيت به چئي سگهجي ٿو.

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته پنجاب ۾ پنجاب ۾ ووٽن سان ٿيلها ڀريا ويا، اهو ڌانڌلي جو وڏو ثبوت آهي، ، خواجه سعد رفيق جي تڪ تي 60 هزار کان وڌيڪ بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا.

حفيظ پيرزادي چيو ته خواجه سعد رفيق جي تڪ اين اي 125 جي 265 پولنگ اسٽيشنز مان رڳو 66 پولنگز تي فارم پندرنهن مليو، 75 سيڪڙو پولنگز تي فارم 15 غائب هو.

چيف جسٽس، حفيظ پيرزادي کي چيو ته توهان کي هدايت ڪئي هئي ته اين اي 125 بابت ٽربيونل جي فيصلي جي ڪاپي جمع ڪرائي وڃي،اها ڪٿي آهي.

حفيظ پيرزادي چيو ته اليڪشن ٽربيونل خواجه سعد رفيق کي ڊي سيٽ ڪيو پر سپريم ڪورٽ کيس بحال ڪيو آهي ۽ معاملو هاڻي اعليٰ عدالت ۾ آهي.

حفيظ پيرزادي اڄ به دليل مڪمل نه ڪري سگهيو، جنهن بعد ڪميشن کيس سڀاڻي اڌ ڪلاڪ اندر دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*