گلو بٽ سزا جي معطلي ۽ ضمانت تي آزادي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ماڊل ٽائون سانحي جـَي مـُک ڪردار گلو بٽ سزا جي معطلي ۽ ضمانت تي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گلو بٽ جي وڪيلن طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت، گلو بٽ کي قانون ۽ حقيقتن جي ابتڙ سزا ٻڌائي آهي.

وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته سزا معطل ڪري گلو بٽ کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.

واضح رهي ته گلو بٽ کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ماڊل ٽائون سانحي دوران گاڏين جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 11 سال قيد ۽ 3 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*