سرتاج عزيز جي بيان آپريشن ضرب عضب واري سڄي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو شاهه محمود قريشي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سرتاج عزيز جي بيان آپريشن ضرب عضب واري سڄي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته هو پرڏيهي وزير رهيو آهي ۽ معاملن جي حساسيت کي سمجهي ٿو، ۽ سمجهي ٿو ته سرتاج عزيز کي اهڙو ٻاراڻو بيان نه ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي بيان سان آپريشنِ ضرب عضب واري محنت تي پاڻي ڦِري ويو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته امريڪا ۾ هڪ لابي پاڪستان خلاف ڪم ڪري رهي آهي، سرتاج عزيز جي بيان سان آرمي چيف جي دوري جو توازن  خراب ٿيو آهي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اتروزيرستان ۾ جاري آپريشن سان لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.

هن چيو ته هو پاڻ به پرڏيهي وزير رهيو آهي ۽ هو قومي اهميت جي معاملن جي حساسيت کان واقف آهي، وزيرن ۽ مشيرن کي غير ذميواري وارا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*