سڪيورٽي ادارن لاهور کي وڏي تباهي کان بچايو آهي، شجاع خانزاده

Khanzaada

لاهور ۾ 3 ڏينهن اڳ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي، پنجاب جي گهرو وزير شجاع خانزاده چيو آهي ته دهشتگردن جو وڏو هدف آءِ بي جو هيڊڪوارٽر هو، منصوبابندي ۾ القاعده به شامل هئي، ڄاڻ ملي آهي ته القاعده جي ننڍي کنڊ جي سربراهه جو واسطو  ڀارت سان آهي ۽ اهو افغانستان ۾ آهي، مارجي ويل دهشتگردن 5 مهينا افغانستان ۾ٽريننگ ڏني وئي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي گهرو وزير ڪرنل ريٽائرڊ شجاع خانزاده چيو ته هڪ هفتو دهشتگردي جا اطلاع هئا، سڪيورٽي ادارن لاهور کي وڏي تباهي کان بچايو آهي، جنهن تي هو آءِ ايس آءِ سميت ٻين سڪيورٽي ادارن کي واڌايون ڏئي ٿو.

هن چيو ته دهشتگرد وانا جي رستي لاهور پهتا، جتي فيصل آباد سان واسطو رکندڙ دهشتگرد فيصل مبشر ڪرائي تي گهر ورتو ۽ اتي سموري پلاننگ ڪئي وئي.

هن چيو ته  سڪيورٽي ادارن 29 جون تي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوان زخمي ٿي پيو، جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ فيصل آباد سان واسطو رکندڙ فيصل مبشر، راولپنڊي جو ثاقب سومرو ۽ ابدالي شامل آهن.

پنجاب جي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن جو وڏو هدف لاهور جي مال روڊ تي قائم آءِ بي جو هيڊڪوارٽر هو،آپگهاتي بمبارن کي 5 مهينن تائين افغانستان ۾ ٽريننگ ڏني وئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شجاع خانزاده چيو ته کين ڄاڻ ملي آهي ته منصوبابندي ۾ القاعده جا دهشتگرد به شامل آهن، القاعده جو ننڍي کنڊ جو سربرهه آصف عمر جو واسطو ڀارت سان آهي، جيڪو هن وقت افغانستان ۾ آهي.

پنجاب جي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن وٽان 4 اي ڪي فورٽي سيون ڪلاشنڪوف، 4 آپگهاتي جيڪيٽس، راڪيٽ لانچر ۽ ٻيا هٿيا پڻ هٿ ڪيا ويا.

شجاع خانزاده جي پريس ڪانفرنس دوران مارجي ويل دهشتگردن جون تصويرون ۽ وڊيوز پڻ ميڊيا کي ڏيکاريا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*