آمريڪي رياست نيوجرسي ۾ ٽن ٽريڪٽر ٽرالن جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 1 ڄڻو فوت ٿي ويو
آمريڪي رياست نيوجرسي ۾ ٽن ٽريڪٽر ٽرالن جي تڪر جي نتيجي ۾ 1 ڄڻو فوت ٿي ويو،حادثي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
رياست نيوجرسي ۾ ٽن ٽريڪٽر ٽرالن ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو،حادثي کانپوءِ ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
رياستي پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو نيوجرسي جي ڪرينبري واري علائقي ۾ پيش آيو جنهن سبب ٽريفڪ به تمام گھڻي متاثر ٿي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته حادثي کان بعد ڊرائيور فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا جاري آهي.