سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي صدر ۽ گورنرز کي فوجداري ڪيسز ۾ ڇوٽ ڏيڻ وارو ترميمي بل رد ڪري ڇڏيو

Senate commitee

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي، صدر ۽ گورنرز کي فوجداري ڪيسز ۾ ڇوٽ ڏيڻ وارو ترميمي بل رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مذهبي ڏهاڙن جي موقعي تي شراب جي استعمال جي اجازت ڏيڻ بابت آرٽيڪل 37 ۾ترميم واري بل تي بحث ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ جي يو آءِ سان واسطو رکندڙ سينيٽر حافظ حمد الله پاران صدر ۽ گورنرز کي فوجداري ڪيس ۾ حاصل ڇوٽ ختم ڪرڻ بابت ترميمي بل پيش ڪيو ويو.

حافظ حمد الله چيو ته صدر ۽ گورنرز کي فوجداري ڪيسز ۾ حاصل ڇوٽ غير آئيني آهي، ان ڪري اها ڇوٽ ختم ڪئي وڃي.

حافظ حمد الله کانسواءِ ڪميٽي جي ٻين سمورن ميمبرز پاران اهڙي بل جي مخالفت ڪئي وئي.

 ميمبرز چيو ته جيڪڏهن صدر ۽ وزيراعظم ڪيسز کي منهن ڏي لاءِ عدالتن جا ڌڪا کائيندا ته پوءِ ٻيا معاملا ڪير هلائيندو.

ڪميٽي ميمبرز جي اڪثريت پاران مخالفت بعد اهڙو بل رد  ڪيو  ويو.

حافظ حمد الله پاران مذهبي ڏهاڙن جي موقعي تي شراب پيئڻ جي اجازت ڏيڻ بابت آرٽيڪل 37 مان اجازت وارو لفظ ختم ڪرڻ جو بل پيش ڪيو.

حافظ حمد الله چيو ته سڀني مذهبي سان واسطو رکندڙ اتفاق ڪيو آهي ته مذهبي ڏهاڙي جي موقعي تي شراب جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ان ڪري آرٽيڪل مان اهو لفظ حذف ڪيو وڃي.

ڪميٽي ميمبرز جي مشاورت بعد اهڙو بل ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي قانون واري سيڪريٽري جسٽس رٽائرڊ سردار رضا چيو ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ قانونسازي جي ضرورت آهي.

قانون واري سيڪريٽري چيو ته ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙن کي تحفظ ڏيڻ بابت بل وزيراعظم ڏانهن موڪليو ويو آهي، وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد بل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر مقصود حسن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڪرپشن ۾ ملوث 94 آفيسرن کي سزا ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*