جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ وقت سر فالٽ درست ڪري ها ته ايڏي وڏي پئماني تي فوتگيون نه ٿين ها، قائم علي شاهه

Qaim Ali Shah

وڏي وزير قائم علي شاهه وزيراعظم آڏو ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي، انتظاميا جي بريفنگ بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

سي ايم هائوس ۾ اجلاس دوران وڏي وزير قائم علي شاهه ڪراچي ۾ فوتگين بابت بريفنگ دوران ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايت ڪندي چيو ته گرمي دوران لوڊشيڊنگ سبب سوين ماڻهو فوت ٿيا.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ وقت سر فالٽ درست ڪري ها ته ايڏي وڏي پئماني تي فوتگيون نه ٿين ها.

ذريعن موجب وفاقي سرڪار اڳواٽ ئي ڪي اليڪٽرڪ جي ڪردار مان مطمئن ناهي، وڏي وزير جي شڪايت بعد ڪي اليڪٽرڪ جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*