جيڪڏهن حڪمران جماعت وٽ لاهور جو سڀ کان وڏو مينڊيٽ آهي ته مينار پاڪستان ڀري ڏيکاري، عمران خان

Imran Khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، ن ليگ کي چيلينج ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪمران جماعت وٽ لاهور جو سڀ کان وڌيڪ مينڊيٽ آهي ته مينار پاڪستان ڀري ڏيکاري، عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ڪئي وئي، جنهن ۾ ن ليگ، اليڪشن ڪميشن ۽ آر اوز ملوث آهن.

جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته چاليهه سيڪڙو تڪن تان فارم 15 غائب آهن، انڪوائري ڪميشن جي حڪم بعد تڪڙ تڪڙ ۾ فارم 15 ٿيلهن ۾ ڀريا پيا وڃن، اعتزاز احسن ڪميشن آڏو ٻڌايو ته ن ليگ اڃا به ڌانڌلي ڪري پئي.

هن چيو ته پنجاب جي تڪن تي واڌو بيلٽ پيپر پهچائڻ وارو سياسي فيصلو هو، جنهن سان نواز ليگ کي فائدو پهچايو ويو.

عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪيپٽن صفدر جي تڪ لاءِ واڌو بيلٽ پيپر موڪليا ويا، ريٽرننگ آفيسرز پنجاب ۾ ن ليگ جي سڌي ريت مدد ڪئي هئي.

هن چيو ته پنجاب جي اڳوڻي نگران وڏي وزير نجم سيٺي جو بيان رڪارڊ تي آهي، جنهن ۾ هن واضح چيو ته کيس اختيار ئي نه هئا.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ن ليگ عوام جو مينڊيٽ چورايو آهي، جيڪڏهن ان وٽ لاهور جو مينڊيٽ آهي ته هڪ ڀيرو مينار پاڪستان ڀري ڏيکاري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*