ايران ۽ 6 عالمي طاقتن وچ ۾ جامع ايٽمي معاهدي کي حتمي شڪل نه ڏئي سگهڻ سبب ڳالهيون وڌيڪ هفتي تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو

 

Iran new

30 جون واري ڊيڊ لائن گذرڻ باوجود ايران ۽ 6 عالمي طاقتن وچ ۾ جامع ايٽمي معاهدي کي حتمي شڪل نه  ڏئي سگهڻ سبب ڳالهيون وڌيڪ هفتي تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، سلامتي ڪائونسل جا 5 مستقل ميمبر ملڪ امريڪا، روس، فرانس، چين، برطانيه ۽ جرمني پاران ايران سان ايٽمي معاهدي تي ڳالهيون ڪيون ويون پيون، جنهن جي حتمي تاريخ 30 جون مقرر ڪئي وئي هئي،ڳالهين ۾ مشغول سفارتڪارن موجب شروعاتي معاهدي جي اهم شرطن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جن ۾ ايران يورينيم جو رچاءَ ان حد تائين گهٽائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جنهن سان ايٽمي هٿيار ٺاهڻ ڏکيو هوندو.روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته اڃا به ڪيترائي معاملا طئي ڪرڻ باقي آهن پر هاڻي کيس خاطري آهي ته ايٽمي معاهدو ٿي ويندو، يورپي اتحاد معاهدي جي ڊيڊ لائن گذرڻ بعد ايران تي لاڳو پابندين ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، امريڪي صدر براڪ اوباما وٽ ايران سان جامع ايٽمي معاهدو ڪانگريس آڏو پيش ڪرڻ لاءِ 9 جولاءِ آخري تاريخ آهي، جيڪڏهن صدر اوباما معاهدي ڪانگريس آڻي ٿو ته ان تي غور لاءِ مهيني جو وقت هوندو، جنهن دوران پابنديون ختم ڪري سگهجن ٿيون پر جيڪڏهن صدر اوباما 9 جولاءِ کانپوءِ معاهدو پيش ڪري ٿو ته اهو وقت ٻن مهينن جو ٿي ويندو، ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف سان گڏ ايٽمي ايجنسي جو سربراهه علي اڪبر صالحي ۽ صدر حسن روحاني جو ڀاءُ مشير حسين فريدون توڙي امريڪا سميت ڇهن ئي ملڪن جا نمائندا ڳالهين لاءِ آسٽريا جي شهر ويانا ۾ موجود آهن، امريڪا، اسرائيل ۽ ڪجهه يورپي ملڪن جو الزام آهي ته ايران ايٽمي هٿيار هٿ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي پر ايران سدائين اهڙي الزام کي رد ڪندي چوي ٿو ته سندن ايٽمي پروگرام پرامن شهري مقصدن لاءِ آهي.جامع ايٽمي معاهدي تحت ايران يورينيم جو رچاءُ گهٽائيندو، جنهن جي عيوض تهران تي لاڳو پابنديون ختم ڪيون وينديون، ايران جو موقف آهي ته يورينيم جو رچاءُ گهٽائڻ تي عمل سان گڏ ئي عالمي پابنديون به ختم ڪئي وڃي، جنهن تي ئي اختلاف آهن.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*