ايندڙ سال برازيل ۾ رٿيل اولمپڪ گيمز لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ قومي هاڪي ٽيم اڄ ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائي رهي آهي

PAk-hockey-teamايندڙ سال برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ رٿيل اولمپڪ گيمز لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ قومي هاڪي ٽيم اڄ ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائي رهي آهي.

بيلجيم جي شهر برسلز ۾ ورلڊ هاڪي ليگ ٽورنامنٽ جون ميچز جاري آهي.

گروپ ميچز مڪمل ٿين بعد اڄ کان ڪوارٽر فائنل مرحلو شروع ٿي رهيو آهي.

قومي هاڪي ٽيم کي ايندڙ سال برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ رٿيل اولمپڪ گيمز لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻو آهي ته اڄ کين انگلينڊ خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي،جنهن بعد ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچندي۽ان ۾ به کين فتح حاصل ڪرڻي آهي.

ميگا ايونٽ جي اهم ڪوارٽر فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي هاڪي ٽيم ڀرپور تياريون ڪيون آهن.

ورلڊ هاڪي ليگ ٽورنامنٽ جي اهم ميچ کان پهرين قومي ٽيم جي ڪپتان محمد عمران جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي ٽيم خلاف فتح حاصل ڪرڻ لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي.

هن چيو ته رانديگرن تي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اڄ جي ميچ فائنل کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي ،جنهن ۾ هر حال ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضرور آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*