اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ مڪاني چونڊن خلاف سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

Islamabad High Courtاسلام آباد هاءِ ڪورٽ، وفاقي راڄڌاني ۾ مڪاني چونڊن خلاف سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، هاءِ ڪورٽ مداخلت نٿي ڪري سگهجي.

جسٽس نور الحق قريشي ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ملڪي گادي واري شهر ۾مڪاني چونڊن خلاف درخواستن تي فيصلو ٻڌايو.

عدالت، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ۽ ٻين جي درخواست رد ڪندي چيو ته هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، ان ڪري هاءِ ڪورٽ مداخلت نٿي ڪري سگهي.

پي ٽي آءِ جي اسد عمر ۽ ٻين درخواستگذارن موقف اختيارڪيوهو ته اسلام آباد ۾مڪاني چونڊن لاءِ قانون ئي موجود آهي، جيڪي تڪبنديون ڪيون ويون آهن، اهي غير قانوني  آهي.

پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته مڪاني چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي.

عدالت، ڪجهه ڏينهن اڳ درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*