موري ويجهو ڪامياب ڪارروائي ڪري ٻن بدنام ڌاڙيلن کي ماريو ۽ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي آٰٰءِ جي سنڌ

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته ڀنگ عيوض اغوا جون وارداتون سنڌ جو پراڻو مسئلو آهي، موري ويجهو ڪامياب ڪارروائي ڪري ٻن بدنام ڌاڙين کي ماريو ويو ۽ 5 کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ سنڌ جو چوڻ  هو ته سنڌ ۾ ڏوهاري خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، جنهن سبب شڪارپور ۽ سکر ضلعن ۾ ڪابه اغوا جي واردات ناهي ٿي.

غلام حيدر جمالي چيو ته موري ويجهو حيدرآباد ۽ نوابشاهه پوليس گڏيل ڪارروائي دوران شبير شيخ کي ڊرائيور سميت بازياب ڪرايو.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته پوليس ڪارروائي دوران سنگين ڏوهن ۾ ملوث ٻن ڌاڙيلن کي ماريو آهي ۽ 5 کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

غلام حيدر جمالي چيو ته سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي، ان دوران ڪيترن ئي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ لا ان آرڊر جي حوالي سان تمام گهڻا چئلنجز آهن، ان  باوجود هزارين ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ ۾ داعش نالي تنظيم جي موجوڊ بابت ڪوبه ثبوت ناهي مليو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*