گرمي کي قدرتي آفت قرار ڏئي معاملي کي ٽاريو ويو، عمران اسماعيل

Imran newsپاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران اسماعيل چيو آهي ته گرمي کي قدرتي آفت قرار ڏئي معاملي کي ٽاريو ويو، ماڻهن جي فوتگين جو ڪيس وڏي وزير خلاف داخل ڪيو وڃي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته ماڻهن جي موت جي ذميوار حڪومت آهي.

هن چيو ته وزير اعظم ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي ڪراچي مان واپس هليو ويو.

عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته عوام کي گرمي کان بچاءُ بابت آگاهي نه ڏني وئي.

هن چيو ته وزير اعظم کي متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي ها.

پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته فوتگين جو ڪيس وڏي وزير خلاف داخل ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته سنڌ پوليس سنڌ حڪومت جي پوليس بڻجي وئي آهي جيڪا هاڻ سياسي انتقام لاءِ استعال  ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*