سنڌ هاءِ ڪورٽ نوابشاهه واسي علي حسن زرداري کي نيب سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Sindh High Court Karachi Sindh

سنڌ هاءِ ڪورٽ نوابشاهه واسي علي حسن زرداري کي نيب سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ سان گڏ نيب جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

علي حسن زرداري سنڌ هاءِڪورٽ حيدرآباد بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته هن سندس گهر تي سادن ڪپڙا پهريل ماڻهن ڇاپو هنيو ۽ سندس پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ڪجهه دير گهر ۾ بيٺا رهيا.

هن چيو ته ٽي وي ۽ اخبارن ۾ خبرون آيون ته هو ايمبولينسز ڪيس ۾ گهربل آهي، سندس ان معاملي سان ڪو تعلق نه آهي پر  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ڪزن هجڻ ڪري کيس ملوث ڪري هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انڪري سندس گرفتاري کان اڳ ضمانت منطور ڪئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن جي ڇاپي بابت نوابشاهه پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هنن ڪوبه ڇاپو نه هنيو آهي، جڏهن ته فون تي به کيس هراسان ڪيو پيو وڃي، انڪري کيس تحفظ ڏنو وڃي.

سنڌ هائيڪورٽ 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض علي حسن زرداري جي 14 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته عدالت علي حسن کي به نيب سان سهڪار جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*