عمران خان جا الزام رڳو الزامن جي حد تائين محدود آهن، خواجه سعد رفيق

saaaaaadريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته 35 پنڪچرز واري ڪوڙ کانپوءِ عمران خان سياست لاءِ نااهل ٿي چڪو آهي، هن رمضان المبارڪ ۾ به ٻاراڻي ۽ الزامن واري سياست ختم ناهي ڪئي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته ڪٿي به واڌو بيلٽ پيپر استعمال ناهن ٿيا ۽ نه ئي وڌيڪ ووٽ ڪاسٽ ٿيا آهن.

هن چيو ته عمران خان جا الزام رڳو الزامن جي حد تائين محدود آهن، هن انڪوائري ڪميشن آڏو ڌانڌلي جا ڪي به ثبوت پيش ناهن ڪيا.

خواجه سعد رفيق چيو ته اين اي 125 بابت اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي ۾ واضح هو ته تڪ تي ڌانڌلي يا جعلي ووٽنگ ناهي ٿي، رڳو بدانتظامي ٿي آهي، سندس وڪيٽ ڪرائڻ جو خواهشمند عمران خان پنهنجي سياست تي ڌيان ڏئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته 35 پنڪچرز واري ڪوڙ جي اعتراف بعد عمران خان هاڻي سياست لاءِ نااهل قرار ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اصليت خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ واضح ظاهر ٿي چڪي آهي، کين الزام لڳائڻ تي شرم اچڻ گهرجي.

خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان ۽ شيخ رشيد ٻڌائين ته قومي اسيمبلي مان ايترو عرصو غير حاضر رهڻ باوجود ايتري پگهار ڇو وصول ڪئي.؟.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*