تحريڪ انصاف 35 پنڪچرز لڳائڻ واري الزامن تي معذرت ڪري ڇڏي

 PTI NNN

تحريڪ انصاف، 35 پنڪچرز لڳائڻ واري الزامن تي معذرت ڪري ڇڏي آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هنن افواهن تي يقين ڪيو، کين تصديق ڪرڻ گهرجي ها.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي چيو ته هـُو 35 پنڪچرز لڳائڻ واري الزام تي معذرت ڪن ٿا.

هن چيو ته افواهه هئا ۽ کين اطلاع  مليا ته پنجاب ۾ عام چونڊن دوران نجم سيٺي جي دور ۾ 35 پنڪچرز لڳايا ويا، جن تي هنن يقين ڪري الزام لڳايو.

عارف علوي چيو ته کين افواهن جي تصديق ڪرڻ بعد الزام لڳائڻ گهرجن ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*