پــِي ٽــِي آءِ ڪنهن کان به معافي ناهي ورتي ۽ نه ئي وٺنداسين، جهانگير ترين

jehangir tareen

تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين چيو آهي ته 35 پنڪچرز واري الزام تي معافي ناهي ورتي،  چونڊن دوران 35 نه پر 71 پنڪچرز لڳايا ويا آهن، جيڪڏهن عارف علوي پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته کانئس وضاحت طلب ڪئي ويندي.

 سـُپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين چيو ته پــِي ٽــِي آءِ ڪنهن کان به معافي ناهي ورتي ۽ نه ئي وٺنداسين.

هن چيو ته تحريڪ انصاف اڄ به ان بيان تي قائم آهي ته عام چونڊن دوران ن ليگ پنڪرز لڳائي سندن مينڊيٽ چوري ڪيو.

جهانگير ترين چيو ته تحريڪ انصاف 35 پنڪچرز تي معافي ناهي ورتي، عام چونڊن دوران 35 نه پر 71 پنڪچرز لڳايا ويا.

هڪ سوال جي جواب ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته پنجاب جي 71 سيڪڙو تڪن تي واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا، ان بابت هن وقت تائين جواب ناهي ڏنو ويو.

جهانگير ترين چيو ته نجم سيٺي جي بيان بعد ثابت ٿيو ته پنجاب ۾ نگران حڪومت وٽ اختيار ئي نه هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*