نيب ۽ ايف آءِ اي جون ڪارروايون صوبائي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي، سيد قائم علي شاهه

Qaim Ali Shah

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته نيب ۽ ايف آءِ اي جون ڪارروايون صوبائي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي، معاملو وزير اعظم وٽ اٿاريو آهي، پر خبر ناهي ته وفاق ڇا پيو ڪري.

درازا ۾ هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي عرس جي افتتاح کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ايف ايف سي ايوارڊ تحت وفاق ڏانهن 40 کان 50 ارب روپيا رهيل آهن.

هن چيو ته شڪايتن باوجود وفاق اين ايف سي ايوارڊ تي عمل نه پيو ڪري.

سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ايف آءِ اي ۽ نيب جون ڪارروايون غير قانوني آهن جنهن بابت وزير اعظم کي آگاهه ڪيو آهي.

هن چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي سنڌ ۾ انتقامي ڪارروائين تي لهي آيو ن آهن.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪم ڪري پئي کين ٽين فورسز جي ڪا به ضرورت نه آهي.

هن چيو ته سنڌ بجيٽ مان ترقياتي ڪمن لاءِ 49 بلين رڳو ڪراچي لاءِ رکيا آهن، صوفي يونيورسٽي جلد قائم ڪئي ويندي، جنهن جو درازا ۾ ڪئمس پڻ قائم ڪيو ويندو.

سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته شاهه عبدالطيف  ڀٽائي کان پوءِ سچل سرمست  سنڌ جو وڏو شاعر آهي،جنهن  جي واٽ تي عمل ڪرڻ سان دهشتگردي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*