مصر جي سينائي واري علائقي ۾ داعش جي ويڙهاڪن جي حملن ۾ 100 شدت پسند ۽ 17 فوجي اهلڪار مارجي ويا

Sinae Egypمصر جي سينائي واري علائقي ۾ داعش جي ويڙهاڪن جي حملن ۾ 100 شدت پسند ۽ 17 فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن جڏهن ته سڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو تعداد ان کان وڌيڪ آهي.

مصري فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سينا صوبي جي شيخ زويد واري علائقي ۾ شدت پسندن 5 سڪيورٽي چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو جڏهن ته هاڻي صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي.

مصري فوج جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل محمد سمير ٻڌايو ته اربع ڏينهن صبح جي وقت شدت پسندن شيخ زويد جي چيڪ پوسٽن تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 17 فوجي اهلڪار شهيد ٿي ويا.

برگيڊيئر جنرل محمد سمير جو چوڻ آهي ته 4 فوجي آفيسرن سميت 17 اهلڪار شهيد ٿيا آهن جڏهن ته 13 فوجين کي يرغمال بڻايو ويو آهي.

ٻئي پاسي سڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن آمريڪي خابرو اداري کي ٻڌايو آهي ته 30 فوجي شهيد ۽ 40 زخمي ٿيا آهن جڏهن ته ڪيترن کي يرغمال بڻايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*