حافظ آباد ۾ هيڊ ڇنا واهه جي پــُل ٽٽڻ سبب ٿيل ٽرين حادثي جو وڌيڪ هڪ لاش هٿ، شهيد ٿيلن جو انگ 18 ٿي ويو

 

vlcsnap-2015-07-02-15h29m00s65

حافظ آباد ويجهو پاڪ فوج جي جوانن ۽ سندس گهر ڀاتين کي پني عاقل کان کاريان کڻي ويندڙ ٽرين سان حادثي کانپوءِ ريسڪيو آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري آهي، وڌيڪ هڪ لاش هٿ اچڻ بعد شهيد ٿيلن جو انگ 18 ٿي ويو آهي جڏهن ته ملتان ۾ غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

پنجاب جي شهر حافظ آباد ويجهو پيش آيل افسوسناڪ حادثي کان پوءِ امدادي سرگرميون جاري آهن.

پاڪ فوج جي جوان انجنيئر ڪور جو ليفٽيننٽ ڪرنل عامر جدون جي پٽ جو لاش ملڻ کان پوءِ شهيدن جو انگ 18 ٿي ويو آهي.

ٽرين حادثي جي 10 فوتين جي جنازي جي نماز ايئر بيس گجرانوالا ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت فوج جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ملتان ۾ پڻ غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

  واقعي موجب مال بردار ٽرين وزيرآباد کان فيصل آباد وڃي رهي هئي ته، حافظ آباد ويجهو هيڊ ڇنا واهه جي پل ٽٽي پئي، جنهن سبب ريل گاڏي جون 4 بوگيون واهه ۾ وڃي ڪريون.

 ريلوي ترجمان موجب، چئني بوگين ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جن مان 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان سخت زخمي کي سي ايم ايڇ گجرانوالا منتقل ڪيو ويو.

ٽرين حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيل 18 ڄڻن جا لاش سندن اباڻي علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا.

حادثي جي فوتين ۾ پاڪ فوج جي انجنيئر ڪور جو ليفٽيننٽ ڪرنل عامر جدون، سندس گهر واري، ڌي ۽ پٽ شامل آهن.

فوتين ۾ليفٽيننٽ اسد، ليفٽيننٽ آصف، ڪئپٽن ڪاشف، ميجر عادل، ٽرين ڊرائيور رياض احمد ۽ ڌوٻي ارشد احمد سميت ٻيا شامل آهن، ڊرائيور فيصل آباد جو رهواسي آهي ۽ سندس مڙهه فيصل آباد منتقل ڪيو ويو.

حادثي جي زخمين ۾ ارشد نديم، محمد صغير، منٺار، عبيد، نعيم، اشفاق، عمران، بابر مسيح مسمات عظمت ۽ مسرت بيبي سميت ٻيا شامل آهن.

واقعي جي جاچ لاءِ پاڪ فوج جي اداري آءِ ايس پي آر ۽ پاڪستان ريلوي پاران جاچ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

حڪومت طرفان واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي اڄ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري رهي آهي، جيڪا علائقي واسين سميت لاڳاپيل عملدارن جا به بيان قلمبند ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*