لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فرزانه قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاهور جـِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، هاءِ ڪورٽ ٻاهران سروٽا هڻي قتل ڪيل فرزانه قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ناري جي پيءُ، اڳوڻي مڙس، ڀاءُ ۽ هڪ سئوٽ کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار کي تيرنهن سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج هارون لطيف، ڪجهه مهينا اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران سروٽا هڻي قتل ڪيس فرازانه قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پوليس پاران مختلف وقتن تي 17 شاهد پيش ڪيا ويا، جن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد اڄ ڪيس جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي.

عدالت، ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي فرزانه جي پيءُ  عظيم، اڳوڻي مڙس اقبال ڀاءُ جهان خان، سئوٽ اقبال جاويد کي موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ڪيس جي هڪ جوابدار غلام علي کي 13 سال جي قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ سمورن جوابدارن کي هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي آهي.

واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ فرزانه کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشيءَ دوران سندس پيءُ، ڀائرن، اڳوڻي مڙس ۽ سئوٽ گڏجي سروٽا هڻي بيدردي سان قتل ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*