دهشتگردي خطي لاءِ ناسول بڻيل آهي، شدت پسندن جي پليت ارادن کي شڪست ڏني ويندي، وزيراعظم نواز شريف

Nawaz Sharif -Pakistan

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خطي لاءِ ناسور بڻيل آهي، شدت پسندن جي پليت ارادن کي شڪست ڏني ويندي، ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مري ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد ڊولپمنٽ اٿارٽي جي عملدارن ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته پوري ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا تيزي سان شروع ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته دهشتگردي خطي لاءِ ناسول بڻيل آهي شدت پسندن جي پليت ارادن کي شڪست ڏني ويندي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته  ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*