سينيٽ انفارميشن ڪميٽي ميڊيا جا نوان ضابطه اخلاق لاڳو ڪرڻ لاءِ سمري جلد وزيراعظم کي موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو

senate

سينيٽ جي انفارميشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ميڊيا جا نوان ضابطه اخلاق لاڳو ڪرڻ لاءِ سمري جلد وزير اعظم کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سينيٽ جي انفارميشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ڪامل علي آغا جي صدارت هيٺ ٿيو.

انفارميشن سيڪريٽري جو چوڻ هو ته کين اميد آهي ته ڄاڻ تائين پهچ بابت بل ايندڙ اجلاس ۾ منظور ٿي ويندو.

هن چيو ته وزير اعظم هدايت ڪئي آهي ته ان بل کي ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ ۾ پيش ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ ميڊيا بابت نوان ضابطه اخلاق جوڙيا ويا جنهن جي سمري وزير اعظم کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي سسئي پليجو چيو ته  حڪيمن ۽ عاملن بابت هلندڙ اشتهارن جو پيمرا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هن چيو ته پيمرا کي اشتهارن بابت ڪو معيار مقرر ڪرڻ گهرجي.

سسئي پليجو جو چوڻ هو ته ڏاڍائي جو شڪار عورتن جا فوٽيجز ميڊيا تي ڏيکارڻ به قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته سنڌي پنجابي اردو سموريون قومي زبانون آهن پي ٽي وي تي انهن کي برابري جي اهميت ڏني وڃي.

سسئي پليجو  جو چوڻ هو ته پي ٽي وي تي مخالف ڌر جي موقف کي به رکيو وڃي.

اجلاس ۾ انفارميشن سيڪريٽري ٻڌايو ته ميڊيا جي ضابطن بابت سمري وزير اعظم کي اماڻي ويندي جنهن جي منظوري کان پوءِ ان تي عمل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*