سکر جي تعليمي بورڊ نائين ۽ ڏهين درجي جي سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا

Sukkur Board

سکر جي تعليمي بورڊ نائين ۽ ڏهين درجي جي سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، بورڊ انتظاميا موجب ڊويزن اندر سرڪاري اسڪولن جي ڪنهن به شاگرد پوزيشن ناهي ماڻي.

جاري ڪيل نتيجن موجب ميٽرڪ جي امتحان ۾ 51 هزار 467 شاگردن ۽شاگردياڻين حصو ورتو جن مان 35 هزار 253 پاس ٿيا.

جاري ڪيل نتيجن موجب جرنل گروپ ۾ 3 هزار 153 شاگردن ۽ شاگردياڻين امتحان ڏنو، جنهن مان 2 هزار 13 شاگرد ۽ شاگردياڻيون پاس ٿيا.

تعليمي بورڊ پاران جاري ڪيل نتيجن ۾ سائنس گروپ ۾ حرا امبرين سومرو پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي ۽ زهريٰ بڪول ٻئي، جڏهن ته تانيا گل ٿرڊ پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

بورڊ انتظاميا موجب جنرل گروپ جي پوزيشن هولڊرز جا نتيجا هينڊ رائيٽنگ چيڪ ڪرڻ لاءِ روڪيا ويا آهن، جيڪي بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.

تعليمي بورڊ موجب سکر ڊويويزن جي ڪنهن به سرڪاري اسڪول مان شاگرد يا شاگردياڻي ڪابه پوزيشن حاصل ناهي ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*