امريڪا کي پنهنجي پراڻي سرد جنگ واري ذهنيت تبديل ڪرڻ گهرجي، چيني پرڏيهي ترجمان هوئا چــَن يــِنگ

 Hua

امريڪا  پاران نئين قومي فوجي حڪمت عملي ۾ چيني ڏکڻ سمنڊ تي چين جي دعويٰ کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ اڳرائي وارو قدم قرار ڏيڻ تي بيجنگ پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

هلندڙ هفتي جاري ڪيل پينٽاگون پاران نيشنل ملٽري اسٽريٽيجي بابت تازي رپورٽ ۾ ڏاکڻي سمنڊ ۾ چين جي تعميراتي ڪم کي اڳرائي قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته چين جو عمل ايشيا پيسيفڪ خطي م ڇڪتاڻ وڌائي رهيا آهن.

چيني پرڏيهي وزارت جــِي ترجمان هوئا چــَن يــِنگ پينٽاگون جي رپورٽ کي نامعقول مبالغو قرار ڏيندي چيو ته رپورٽ ۾ بيجنگ کي خطرو قرار ڏيڻ واري تاثر کي چين رد ڪري ٿو.

هن چيو ته ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ٻيٽ جي تعمير جي حوالي سان چين اڳ ئي وضاحت ڪندو رهيو آهي، انڪري امريڪا کي پنهنجي پراڻي سرد جنگ واري ذهنيت تبديل ڪرڻ گهرجي.

چين ڏکڻ سمنڊ تي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ آهي، جڏهنت ه فلپائن، ويتنام، ملائيشيا، برونائي ۽ تائيوان جي به ساڳي دعويٰ آهي، جنهنڪري انهن ملڪن ۾ ڇڪتاڻ رهي ٿي ۽ امريڪا به چين جي مخالفت ڪري ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*