پاڪ فوج جي قربانين کي ملڪ ۽ قوم ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي، شهباز شريف

Shariii

پنجاب جي وڏي وزير شهباز  شريف چيو آهي ته گوجرانوالا ٽرين حادثي تي هر اک آلي آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف تاريخي ۽ مثالي قربانيون ڏنيون آهن، سموري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سي ايم ايڇ گوجرانوالا پهچي زخمين جي عيادت ڪئي، جنهن بعد هـُو ڪور هيڊڪوارٽر گوجرانوالا پهتو.

پنجاب جي وڏي وزير کي گوجرانوالا ٽرين حادثي بابت بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا ليفٽيننٽ جنرل غيور احمد به موجود هو.

فوجي عملدارن بريفنگ ڏني ته ٽرين حادثي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو عملي جي ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن.

شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف تاريخي ۽ مثالي قربانيون ڏنيون، جيڪي وسارڻ جوڳيون نه آهن.

هن چيو ته ٽرين حادثي تي هر اک آلي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*