عالمي تجزياتي اداري بلوم برگ پاڪستان جي معاشي ترقي جو اعتراف ڪري ڇڏيو

Bloom

عالمي تجزياتي اداري بلوم برگ پاڪستان جي معاشي ترقي جو اعتراف ڪندي چيوآهي ته  پاڪستان جي معاشي ڪاميابين جو مثال ڀارت کان بهتر آهي.

تجزياتي اداري موجب، پاڪستان سڌارن، نجڪاري ۽ معاشي بهتري ۾ نئين تاريخ لکي آهي، عالمي مالياتي ادارن سان بهتر لاڳاپن سبب معشت ترقي ڪئي آهي.

 جاري ڪيل تجزياتي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ آمدني ۾ اضافي سان پاڪستانين جي خريداري قوت ۾ واڌ ٿي آهي.

تجزياتي رپورٽ موجب، انفرا اسٽرڪچر جي مد ۾ حڪومتي خرچن ۾ 27 سيڪڙو اضافو ۽ دهشتگردي باوجود ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچيج هڪ سال دوران 16 سيڪڙو ترقي ڪئي.

عالمي تجزياتي اداري وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان هاڻي 232 ملين ڊالرز جي معاشي طاقت بڻجي چڪو آهي ۽ هو معاشي سيڙپڪاري لاءِ بهترين  ملڪ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*