دهشتگردي ٽوڙ عدالت مسيحي جوِڙي کي جيئرو ساڙڻ واري ڪيس ۾ 16 جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

لاهور جـِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ مسيحي جوڙي کي جيئرو ساڙڻ واري ڪيس ۾ 16 جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس ۽ 43 جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج هارون لطيف پاران ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار بعد ايڊمن جج حماد ايوب جي عدالت ۾ پوليس پاران 59 جوابدارن کي پيش ڪيو ويو.

جوابدارن ۾ مسجد جو پيش امام غلام حسين، بٺي مالڪ يوسف گجر ۽ حارث سميت 5 مک جوابدار به شامل هئا.

ان موقعي تي پوليس پاران وڌيڪ جاچ لاءِ رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي، عدالت، بٺي مالڪ ۽ مسجد جي پيش امام سميت 16 جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،  جڏهن ته 43 جوابدارن کي پوليس حوالي ڪيو ويو.

جوابدارن جي عدالت ۾ پيشيءَ دوران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*