اولمپڪ گيمز لاءِ ٽيم جو ڪواليفاءِ نه ڪرڻ تي کيس افسوس ٿيو آهي، هاڪي ٽيم جو چيف سليڪٽر حنيف خان

vlcsnap-2015-07-04-10h43m53s246پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر حنيف خان جو چوڻ آهي ته اولمپڪ گيمز لاءِ ٽيم جو ڪواليفاءِ نه ڪرڻ تي کيس افسوس ٿيو آهي، جنهن کي هو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي هاڪي ٽيم جي اڳوڻي چيف سليڪٽر چيو ته ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جي سموري زميواري  هاڪي فيڊريشن مٿان آهي.

هن چيو ته ٽيم جي سليڪشن ميرٽ نه ڪئي وئي، جنهن سبب ٽيم جي ڪارڪردگي متاثر ٿي.

حنيف خان چيو ته شڪيل عباسي ۽ حسيم خان کي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ سازش هئي، جنهن جو نقصان ٽيم کي ٿيو آهي.

هن چيو ته اولمپڪ گيمز جي تاريخ ۾ ٽي-گولڊ ميڊلز ۽ ٽي-چاندي جا ميڊلز پنهنجي نالي ڪندڙ قومي هاڪي ٽيم پهريون ڀيرو راندين جي وڏي ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي آهي.

واضح رهي ته 1948 بعد اهو پهريون ڀيرو آهي جو قومي هاڪي ٽيم اولمپڪ گيمز کان ٻاهر ٿي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*