ڪراچي ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي ڪري 5 ڏهارين سميت 54 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

rangersڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائين دوران 5  ڏوهارين سميت 54 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

 سچل ٿاڻي جي حد  بکر ڳوٺ ۾ پوليس جي ڪارروائي دوران 45 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو،جڏهن ته 10 گاڏيون به هٿ ڪيون ويون آهن.

ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته، گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آئي.

اورنگي ٽائون جي پاڪستان بازار ۾ پوليس طرفان ڪارروائي ڪئي وئي ته هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلي ٿيو، جنهن بعد پابندي پيل تنظيم سان واسطو رکندڙ هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پوليس مقابلي دوران هٿيار، ڊيٽونيٽر ۽ بال بم پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

مومن آباد ۾ به پوليس طرفان ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران منشيات وڪرو ڪندڙ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا.

ملير جناح اسڪوائر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي دوران 4 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*