ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾ گارمينٽ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو

karachi  ss

ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾ گارمينٽ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب تمام گهڻو مالي نقصان ٿيو آهي.

سائيٽ جي ضيا موڙ وٽ گارمينٽ فيڪٽري کي باهه لڳي وئي، جنهن کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن مان 7 فائر برگيڊ گاڏيڻ کي گهرايو ويو، جن ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو.

فائر برگيڊ عملي پاران فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطي کانپوءِ ان جي ڪولنگ جو عمل جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*