ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين جي 4 ڪيسن ۾ اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي

Zulfiqar-Mirza--011

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين جي 4 ڪيسن ۾ اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي، جاچ آفيسرن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي کين توهين عدالت جا شو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين خلاف ٿاڻي تي حملي، بازار ۾ فائرنگ ڪرڻ ۽ ڪڙيو گهنور ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ سميت 4 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران وڪيل ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين کي اڄوڪي ٻڌڻي کان آجو قرار ڏيڻ واري درخواست  پيش ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪندي  ڪارروائي 27 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻڌڻي دوران جاچ آفيسرن جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي کين توهين عدالت شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*