اليڪشن ٽربيونل ڪراچي پي ايس 76 تي نواز ليگ اميدوار لياقت جتوئي کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو

اليڪشن ٽربيونل ڪراچي پي ايس 76 تي پ پ ايم پي اي پروين عزيز جوڻيجو جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيندي نواز ليگ اميدوار لياقت جتوئي کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ٽربيونل پي ايس 76 تي اعلانيل ننڍي چونڊ کي روڪڻ جو به حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ٽربيونل جي سربراهه ظفر احمد شيرواني پي ايس 76 تي 2013 جي چونڊن ۾ هارايل اميدوار لياقت جتوئي جي اپيل تي محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو.

اليڪشن ٽربيونل محفوظ ڪيل فيصلي کي ٻڌائيندي پروين عزيز جوڻيجو جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيندي لياقت جتوئي کي ڪامياب قرار ڏنو ۽ ننڍي چونڊ کي روڪڻ جو به حڪم جاري ڪيو.

ياد رهي ته لياقت جتوئي جي اپيل هئي ته 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ۽ 40 هزار جعلي ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جنهن تي اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي ڪري فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو ٻڌايو ويو.

محفوظ فيصلي جي اچي وڃڻ کانپوءِ هاڻي پي ايس 76 تي اعلانيل ننڍي چونڊ نه ٿي سگهندي.

Comments

  1. Irfan Baloch
    Irfan Baloch 22 November, 2014, 03:35

    Thar ka Awam Mar raha hai
    Aur Qaem Ali shah Jo ke Sindh ka CM hai Wo Bhang ke Oper Bhang peke oper Ur raha hai us ko Kuch Maaloom nahi ke Sindh main Kiya ho raha hai
    Aur PPP walon ne All Sindh main Dhandhli kar ke Votes jete hain
    Aur Sindh CM Qaem ali Shah jo ke Thar ke bache Bhook aur Piyas pe Mar rahe hain Qaem ali Shah Kah raha hai ke Thar pe Beemari ke liye Mar rahe hain Sindh CM Shame You
    Because Your Mawali..

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*