سپريم ڪورٽ جيلن ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا نه پيارڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

سـُپريم ڪورٽ، جيلن ۾ ٻارڙن کي پوليو  کان بچاءَ جا ڦڙا نه پيئارڻ جو نوٽيس وٺندي چئني صوبن جي چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

جسٽس اعجاز چوڌري جي سربراهي  ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ، ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ قيد عورت نصيبان بي بي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي معاملي جو نوٽس ورتو.

ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار نصيبان بـِي بـِي عدالت کي آگاهي ڏني ته جيل ۾ سندس ڌيءَ سويرا کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ناهن پيئاريا ويا، جنهن سبب سندس نياڻي معذور ٿي وئي آهي.

جسٽس اعجاز چوڌري ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيلن ۾ قيد ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ڇو نه ٿيا پيئاريا وڃن، پوليو جا ڦڙا نه پيئارڻ سبب ٻارڙي معذور ٿي وئي آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي.

جسٽس اعجاز چوڌري ريمارڪس ڏنا ته سڄي ملڪ ۾پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ جي مهم هلائڻ جو چيو پيو وڃي پر جيلن ۾ ٻارڙن کي ڦڙا نٿا پيئاريا وڃن.

عدالت، سنڌ جي چيف سيڪريٽري سميت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز  کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڊپٽي اٽارني جنرل کي به هدايت ڪئي آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*