ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون کانپوءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد ڪجهه علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي

Karachi Breackdown

ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون کانپوءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد ڪجهه علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 70 سيڪڙو علائقا اڃا تائين  بجلي کان محروم آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته بجلي جي مڪمل طور بحالي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، ڪوبه ٽائيم فريم نٿو ڏئي سگهجي.

ملڪ جي تاريخ ۾ بجلي جي بدترين بريڪ ڊائون سبب روشنين جي شهر ڪراچي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود 70 سيڪڙو رهائشي علائقا اڃا تائين بجلي کان محروم آهن، جڏهن ته شهر جي ڪجهه علائقن ۾ بجلي بحال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

 ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان  شهر جي مختلف علائقن ۾بجلي جي بحالي جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.

ترجمان موجب، شهر  ۾مڪمل طور بجلي بحالي ۾ اڃا ڪيترائي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، في الحال ان بابت ڪوبه ٽائيم فريم نٿو ڏئي سگهجي.

رات کان هيل تائين بجلي جي فراهمي معطل هجڻ سبب ڊفينس، اختر ڪالوني، ڪشمير ڪالوني، شاهه فيصل ڪالوني، ملير هالٽ، محمود آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر سميت ٻين علائقن جا رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سچل ڳوٺ، چنيسر ڳوٺ، چڪرا ڳوٺ، ڀٽائي آباد، قيوم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ به بجلي بند پيل آهي.

ذريعن موجب، بجلي معطل هجڻ سبب جناح ايئر پورٽ جو فلائٽ آپريشن متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اسٽيل ملز  جا پئداواري يونٽ رات کان بند پيل آهن.

بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون سبب ڌاٻيجي، پپري ۽ گهارو پمپنگ اسٽيشنز بند هجڻ سبب ڪراچي کي ساڍا 5 سئو ملين گيلن پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن سبب رمضان المبارڪ دوران پاڻي جو بحران پئدا ٿي ويو  آهي.

ٺٽي، بدين، سجاول ، ميرپورخاص ۽ ٻين علائقن ۾ به بجلي بند پيل آهي جنهن سبب رهواسي سخت ڏکائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون کان پوءِ متاثر علائقن ۾ ڪاروبار کي پڻ وڏو نقصان رسيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*