ڄامشورو ٿرمل پاور جي ٽرپ ٿيل چئن مان ٻن يونٽس کي بحال ڪري حيدرآباد شهر جي ڪجهه علائقن جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي

Electric Hyd

ڄامشورو ٿرمل پاور جي ٽرپ ٿيل چئن مان ٻن يونٽس کي بحال ڪري حيدرآباد شهر جي ڪجهه علائقن جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڃا تائين سکر ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي 71 گرڊ اسٽيشنز جي بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي.

ويهون روزو رکڻ جون ملڪ ۾ تياريون جاري هيون ته اوچتو ڄامشور ٿرمل پاور جا چار ئي يونٽس ٽرپ ٿي ويا.

ڄامشورو ٿرمل پاور پلانٽ جا چار يونٽس ٽرپ ٿيڻ سبب حيدرآباد سميت مختلف شهرن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

صبح جو ڇهين وڳين حيدرآباد جي جزوي طور تي بجلي بحال ڪئي وئي، جڏهن ته مڪمل بحالي ۾ اڃان ڪيترائي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*