دوڙ، ٺل ۽ سجاول جوڻيجو ويجهو شاخن ۽ واهن کي گهارا پوڻ ڪري هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ آچي ويا آهن

Daur-Sujawal

دوڙ، ٺل ۽ سجاول جوڻيجو ويجهو شاخن ۽ واهن کي گهارا پوڻ ڪري هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ آچي ويا آهن.

دوڙ ويجهو ڍولو مائينر کي ويهه فٽ گهارو پوڻ سبب چار گهر پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽين جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي.

سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ انڙ وٽ ڪور ٻيڙو شاخ کي گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ گوپانگن جي وانڍ پاڻي هيٺ آهي.

گهاري سبب قبرستان ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ ناهي پهتو.

ٺل جي شاهي واهه کي 61 ميل تان 50 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن دوران رونبي لاءِ تيار ڪيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي.

گهاري جي اطلاع تي ڳوٺاڻا ۽ آبپاشي عملدار گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف آهن، علائقي ۾ خوف واري صورتحال ٻڌائي پئي وڃي ……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*