سنڌ ۾ جوابدار کي 90 ڏينهن تائين حراست ۾ رکڻ وارا رينجرز جا اختيار اڄ ختم ٿي رهيا آهن

rangers-operation-mqms-headquaters-90-karachi

سنڌ ۾ جوابدار کي 90 ڏينهن تائين حراست ۾ رکڻ وارا رينجرز جا اختيار اڄ ختم ٿي رهيا آهن، جڏهن ته  رينجرز کي   گهرن جي تلاشي وٺڻ وارو مليل اختيار به 14 جولاءِ تي واپس ٿي رهيو آهي.

 سنڌ ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت جوابدارن کي 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ وارا رينجرز جا اختيار اڄ ختم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته گهرن ۾ سرچ آپريشن ۽ ڏوهارين کي گرفتار  ڪرڻ وارو اختيار به 14 جولاءِ تائين ختم ٿي ويندا.

ذريعن موجب، صوبي ۾رينجرز جي مقرري وارو مدو به 18 جولاءِ تي ختم ٿي ويندو.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، جيڪڏهن سنڌ سرڪار رينجرز جي مقرري واري مدي ۽ اختيارن ۾ واڌ نه ڪئي ته مختلف ڪيسن ۾رينجرز جي حراست هيٺ سمورا جوابدار پاڻمرادو پوليس حوالي ٿي ويندا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*