ڄامشورو ٿرمل پاور جي ٽرپ ٿيل چئن مان ٻن يونٽس کي بحال ڪري حيدرآباد شهر جي ڪجهه علائقن جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي،جڏهن ته ميرپورخاص، سانگهر،ٺٽو، بدين ۽ ٻين ضلعن جي بند ٿيل بجلي بحال ناهي ٿي سگهي

jamshoro-thermal-power-plan

ڄامشورو ٿرمل پاور جي ٽرپ ٿيل چئن مان ٻن يونٽس کي بحال ڪري حيدرآباد شهر جي ڪجهه علائقن جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي،جڏهن ته ميرپورخاص، سانگهر،ٺٽو، بدين ۽ ٻين ضلعن جي بند ٿيل بجلي بحال ناهي ٿي سگهي.

ڄامشورو ٿرمل پاور پلانٽ جا چار يونٽس ٽرپ ٿيڻ سبب حيدرآباد سميت مختلف ضلعن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

حيسڪو اختيارين  موجب صبح جو ڇهين وڳين حيدرآباد جي جزوي طور تي بجلي بحال ڪئي وئي، جڏهن ته مڪمل بحالي ۾ اڃان ڪيترائي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا.

ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس جا يونٽ ٽرپ ٿيڻ سبب ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بند ٿيل بجلي بحال ناهي ٿي سگهي.

بريڪ ڊائون سبب ٺٽو، بدين، سجاول ضلعن جي به بجلي گذريل ڏينهن کان بند پيل آهي، جنهن سبب عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيوآهي.

سانگهڙ،  سنجورو، جهول، کپرو، ڄام  نواز علي، نئون آباد، ڪندياري، پيرومل، چوٽياريون، ٽندو مٺا خان. شاهپور چاڪر، شهدادپور، ٽنڊو آدم سميت مختلف شهرن ۾بجلي بند آهي، جنهن سبب ڪاروبار به سخت متاثر ٿي رهيو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*