وزيراعظم نواز شريف ملاله يوسفزئي کي پاڪستان لاءِ فخر قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي، تعليم سڀني لاءِ هئڻ وارو مشن دهشتگردي جي خاتمي سان ئي پورو ٿي سگهي ٿو

Nawaz Sharif-Malala

وزيراعظم نواز شريف ملاله يوسفزئي کي پاڪستان لاءِ فخر قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي، تعليم سڀني لاءِ هئڻ وارو مشن  دهشتگردي جي خاتمي سان ئي پورو ٿي سگهي ٿو.

ناروي جي گادي واري شهر اوسلو ۾ سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف سان نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي ملاقات ڪئي، ان دوران وزيراعظم جو صلاحڪار سرتاج عزيز، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير بليغ الرحمان ۽ ٻيا موجود هئا.

ملاقات دوران وزيراعظم نواز شريف،ملاله يوسفزئي کي پاڪستان لاءِ فخر قرار ڏيندي تعليم لاءِ سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته عورتن، ٻارڙن ۽ اقليتن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي ترجيح آهي، تعليم جي ڊي ڊي بي 4 سيڪڙو تائين پهچائڻ حڪومت جو عزم آهي.

وزيراعظم چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي، آپريشن ضرب عضب بعد دهشگرد ڀڄي رهيا آهن، دهشتگردن جا ٿاڪ ۽ ڳجها ٺڪاڻا ختم ڪيا ويا آهن.

وزيراعظم چيو ته زلزلي دوران تباهه ٿيل هزار اسڪولن جي ٻيهر تعمير وارو ڪم جاري آهي، تعليم سڀني لاءِ هئڻ وارو مشن دهشتگردي جي خاتمي سان ئي پورو ٿي سگهي  ٿو.

ملاله يوسفزئي تعليم لاءِ حڪومتي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي غريب عوام جي خدمت ڪرڻ سندس خواب آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تعليم  جو هئڻ ضروري آهي.

ملاله يوسفزئي چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان پاڪستان جو عوام خوشحال ٿيندو.. ..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*