لاهور هاءِ ڪورٽ، ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي

model ayyyan

لاهور هاءِ ڪورٽ، ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي، درخواست جي ٻڌڻي ڪندڙ سنگل بينچ درخواست ٻڌڻ لاءِ 2 رڪني بينچ جوڙڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي.

جسٽس عبدالسميع خان جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڪسٽم اپيليٽ بينچ ماڊل گرل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران جسٽس عبدالسميع خان ايان علي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جي درخواست رد ٿي چڪي آهي، ڪهڙي قانون تحت ٻيهر درخواست ڏني آهي.

ايان علي جي وڪيل خرم لطيف کوسا چيو ته عدالت سندن موقف ٻڌڻ کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد ڪئي.

ايان علي جي وڪيل استدعا ڪئي ته عدالت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري.

لاهور هاءِ ڪورٽ، محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ايان علي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

جسٽس عبدالمسيع پاران درخواست جي ٻڌڻي لاءِ 2 رڪني بينچ جوڙڻ جي به سفارش ڪئي آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ايان علي جي ضمانت واري دخواست رد پڻ ڪري چڪي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*