ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون کانپوءِ آخرڪار نيپرا کي هوش اچي ويو آهي

Nipra

 ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون کانپوءِ آخرڪار نيپرا کي هوش اچي ويو آهي، نيپرا بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کان رپورٽ طلب ڪندي کين قبلو درست ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون ۽ 18 ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش کانپوءِ آخرڪار نيپرا کي هوش اچي ويو آهي.

نيپرا ڪراچي کي بجلي جي فراهمي ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽ حيسڪو کان بجلي جي بحران بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

نيپرا ترجمان چيو آهي ته ڪراچي کي بجلي جي فراهمي ڪي اليڪٽرڪ جي ذميواري آهي.

نيپرا، هدايت ڪئي آهي ته بجلي ورڇ ڪندڙ سموريون ڪمپنيون پنهنجو قبلو درست ڪن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*