وزيراعظم نواز شريف پاران ورلڊ هاڪي ليگ ۾ قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ جوڙيل ڪميٽي پي ايڇ ايف عهديدارن، هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ ڪپتان کي سڀاڻي اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي

Nawaz-Sharif_16

وزيراعظم نواز شريف پاران ورلڊ هاڪي ليگ ۾ قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ جوڙيل ڪميٽي پي ايڇ ايف عهديدارن، هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ ڪپتان کي سڀاڻي اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي، ڪپتان محمد عمران چيو آهي ته هو جوس پيئڻ ۽ نان چڻا کائڻ سان عالمي چيمپيئن نٿا ٿي سگهن.

پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو صدر اختر رسول، سيڪريٽري راڻا مجاهد، هاڪي ٽيم جو هيڊ ڪوچ شهناز شيخ ۽ ڪپتان محمد عمران سڀاڻي ڪميٽي آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائيندا.

قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان محمد عمران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو سبب مسلسل ردو بدل آهي، جڏهن ته قومي ٽيم ڪيترن ئي مسئلن کي پڻ منهن ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته ايشيا ڪپ ۾ کيڏندڙ قومي هاڪي ٽيم کي ورلڊ هاڪي ليگ ۾ موڪليو وڃي ها ته بهتر هو.

قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان چيو ته کين ٻين ملڪن جي رانديگرن جيان سهولتون ڏنيون وڃن، هو رڳو جوس پيئڻ ۽ نان چڻا کائڻ سان عالمي چيميئن نٿا بڻجي سگهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ محمد عمران ڪپتاني کان استعيفيٰ ڏيڻ واري خبرن ترديد پڻ ڪئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*