اسلام آباد ويجهو ترنول واري علائقي ۾ مسافر وين ۽ بس ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

Islamabad-Map

اسلام آباد ويجهو ترنول واري علائقي ۾ مسافر وين ۽ بس ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.

 بنون کان راولپنڊي ويندڙ مسافر وين جو ترنول واري علائقي ۾ اسلام آباد کان فتح جهنگ  ويندڙ بس سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن بعد گاڏي کي باهه لڳي وئي.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي آهن.

فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*