سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاق ۾ تڪرار جون ڳالهيون بي بنياد آهن، فوج ۽ رينجرز سان لاڳاپا بهتر آهن

Qaim-Ali-Shah-Sindh

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاق ۾ تڪرار جون ڳالهيون بي بنياد آهن، فوج ۽ رينجرز سان لاڳاپا بهتر آهن.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته وفاق سان ڪو به تڪرار نه آهي، ميڊيا تي ايندڙ خبرون بي بنياد آهن.

هن چيو ته وفاقي سرڪار، فوج ۽ رينجرز سان لاڳاپا سٺا آهن.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته پاڪ فوج آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سربراهي هيٺ دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته پوري سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ ڀتي خوري، دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف رينجرز جي ڪردار کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*